Powered By Blogger

Wednesday 22 February 2012


کپري کي ماڊل سٽي نه سهي، رهڻ لائق ته بڻايو
ايشين بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ سٽيز امپروومينٽ پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار ضلعن جي ستن شهرن کي ماڊل سٽي بڻائڻ جي حوالي سان پلاننگ شروع ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪمشنر ميرپور خاص سانگهڙ، شهدادپور، ٽنڊو آدم، سنڌڙي ۽ ڪوٽ غلام محمد جي علائقن جو نالو غور هيٺ آندو آهي ۽ ان حوالي سان انهن تعلقن جي ٽي ايم اوز کي تياري ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي. ايشين بئنڪ جي سهڪار سان انهن ماڊل سٽيز ۾ صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ صفائيءَ جي حوالي سان مناسب اپاءُ وٺڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو. اها هڪ سٺي خبر آهي، ڇو جو اسان جي شهرن جو ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي. اهڙن تباهه ٿيل شهرن مان کپرو به هڪ آهي، جنهن کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ اڄ تائين ڪنهن ڪي اپاءُ نه ورتا آهن. کپرو، سانگهڙ تعلقي جو هڪ اهڙو پٺتي پيل شهر آهي، جنهن جي نه ڪنهن مالڪي ڪئي آهي ۽ نه ئي سڌارڻ جي ڪا ڪوشش! شهر جا مرڪزي رستا ڪڏهوڪا ختم ٿي چڪا آهن، مين ميرپور خاص روڊ ٻارنهن ئي مهينا گٽرن جي پاڻيءَ هيٺ رهي ٿو. 60 ڪلوميٽر سانگهڙ شهر تائين پهچڻ لاءِ عام گاڏيون 3 ڪلاڪ وٺنديون آهن. کاهي روڊ بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. 16 فيبروري 2012ع جي هڪ اخبار ۾ تعلقه آفيس کپرو جي ٽي ايم او پاران 244 اسڪيمن لاءِ ٽينڊر گهرايا ويا آهن پر انهن سمورين اسڪيمن ۾ وڏيرن جي اوطاقن اڳيان روڊن يا انهن جي ٻنين جي رستن تي سرن جي ڀرائي کانسواءِ اهڙي ڪا اسڪيم نظر نه آئي، جنهن مان کپري جي ماڻهن جو فائدو ٿئي. فرلانگ، اڌ فرلانگ روڊ جي اسڪيم هجي يا روڊ ڀرائي جون اسڪيمون هجن، فقط ٺيڪيدارن ۽ ٽي ايم او کي پئسا بچائي ڏيڻ کانسواءِ ڪو فائدو نٿيون ڏين. اهي ۽ اهڙيون ڪروڙين جون اسڪيمون ٽي ايم او ۽ ٺيڪيدارن ۾ مال جي ورڇ کانسواءِ ڪجهه ناهن. اهڙيون اسڪيمون ٺيڪيدارن کي ته ضرور خوشحال ڪنديون آهن، پر تعلقي کپري جي خوشحالي هڪ خواب جيان لڳي ٿي، جيڪو هڪ ڏتڙيل ۽ تباهه ٿيل علائقو آهي. آئون ڪمشنر ميرپور خاص کي گذارش ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري کپري کي ماڊل سٽي نه سهي، رهڻ لائق بڻائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن.
 
رام ڪرشن/کاهي
Daily Kawish hyderabad  date:22-02-2012