Powered By Blogger

Friday 30 December 2011

ڳالهه مان ڳالهوڙو

ٻن ڳالهين جي ڪري ٻه ڳالهيون ٿي وينديون آهن يا ته ماڻهو ڪري پوندو آهي يا ڪونه ڪرندو آهي. جي نه ڪريو ته ٺيڪ آهي پر جيڪر ڪريو ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته اٿي ويندو، يا ته ڪريو ئي پيو هوندو، سو ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به ڳالهه جي ڪري ٻه ڳالهيون ٿي وينديون آهن يا ته ڳالهه ڪونه ٿيندي  يا ته ٿيندي. جيڪر ڪا به ڳالهه نه ٿي ته خير آهي پر جيڪر ڪا ڳالهه ٿي وئي ته ٻه ڳالهيون ٿينديون، يا ته شادي ٿي ويندي يا ته ڪونه ٿيندي. نه ٿي ته خير آهي، پر جيڪر ٿي وئي ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته زال مڙس خوشگوار زندگي گذارڻ لڳندا يا وري انهن ۾ جهيڙا جهٽا ٿيڻ لڳندا. جيڪر جهيڙا جهٽا ٿيا ته ٺيڪ آهي پر جيڪر خوش گوار زندگي گذارڻ لڳا ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته گهر جو خرچ وڌي ويندو يا وري ٻارگهڻا ٿي ويندا. مطلب ته هر ڳالهه مان ٻه ڳالهيون نڪري اينديون آهن. پهرين ڳالهه مان ٻي ڳالهه نڪرندي آهي ۽ ٻي ڳالهه مان پهرين ڳالهه نڪرندي آهي، ماڻهو يا ته غريب هوندو آهي يا وري امير، جيڪر امير هوندو ته ٺيڪ آهي پر جيڪر غريب هوندو ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته قسمت خراب هوندي يا وري ڪاهل هوندو. جيڪر قسمت خراب هوندي ته ٺيڪ آهي پر جيڪر ڪاهل هوندو ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته ڪم بلڪل ڪونه ڪندو هوندو يا وري بيمار رهندو هوندو. سو هر ماڻهو ٻن ڳالهين جي چڪرن ۾ ٻه ڳالهيون ٻيون سوچيندو آهي. پاڪستان ڪارڊ ايندو يا ڪونه ايندو، جيڪر نه آيو ته خير آهي، پر جيڪر آيو ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته اي ٽي ايم ڪارڊ جا نمبر چار جي بجاءِ ٻه هوندا يا وري اڪائونٽ ۾ پئسا ڪا نه هوندا. مطلب ته غريب ماڻهو ٻن ڳالهين جي ڪري ٻه ڳالهيون پيو ڪندو آهي. جيڪر برسات آئي ته ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته گهر ڪرندو يا ته تباهي ايندي، جيڪر گهر ڪريو ته خير آهي پر جيڪر تباهي آئي ته پوءِ ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته امداد ملندي يا وري امداد ڪونه ملندي. جيڪر امداد ملي ته ٺيڪ آهي، نه ملي ته پوءِ ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته صبر ڪرڻو پوندو يا وري ڌرڻا هڻڻا پوندا. جيڪر صبر ڪيوسين ته ٺيڪ آهي پر جيڪر ڌرڻا هنياسين ته پوءِ ٻه ڳالهيون ٿينديون يا ته لٺيون کائينداسين يا وري ڪجهه حاصل ڪري وينداسين. سو آئون هڪڙو ٻن ڳالهين جي ڪري ٻه ٻه دفعا سوچيندو آهيان پر نتيجا ٻه ڪڍي به حاصل هڪڙو به ڪري نه سگهندو آهيان. روڊ ٺهيو ته ڪهڙو فائدو ٿيندو؟  پهرين ڳالهه ته جلد ئي ٽُٽي ويندو ۽ ٻي ڳالهه ته ٺهندو ئي  ڪونه، سو ساريو پيو آهي. پارٽي اقتدار ۾ اها هجي يا ڪا ٻي، اقتدار ۾ اهي ساڳيا ماڻهو هوندا، نه ڪا ٻي ڳالهه ٿيندي نه ئي ٽئي ڳالهه ٿيندي، سو ڳالهه اها آهي ته:

خواب شيشي کي، دنيا پتهر کي
هم نه سمجهي تهي بات اتني سي!!

No comments:

Post a Comment